جاويد شيخ

جاويد شيخ: مشهور فلمي اداڪار جاويد شيخ جو اصل نالو شيخ جاويد اقبال آهي. هن 8 آڪٽوبر 1954ع تي جنم ورتو. سندس وڏا ڪراچيءَ جا قديم رهاڪو آهن. جاويد شيخ جي پهرين فلم ’ڌماڪا‘ هئي، جيڪا 1974ع ۾ رليز ٿي. هن جي پهرين شادي زينت منگيءَ نالي خاتون سان ٿي، جنهن جو تعلق سکر سان چيو وڃي ٿو، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ مومل ۽ هڪ پُٽ شهزاد جو اولاد ٿيو. جڏهن ته جاويد شيخ جي ٻي شادي مشهور آرٽسٽ سلميٰ آغا سان ٿي، پر ڪجهه عرصي بعد سندن علحدگي ٿي وئي. جاويد شيخ 100 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري ڪئي آهي، کيس هيٺين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي ’نگار اوارڊ‘ مليو:

غريبون ڪا بادشاهه (1988ع)، بارش (1989ع)، استادون ڪي استاد (1990ع).

هن ڪيترين ئي فلمن جي ڊائريڪشن به ڏني آهي. سندس ڊائريڪٽ ڪيل فلمن ۾: مشڪل (1995ع)، چيف صاحب (1996ع)، ييس باس (1997ع)، جيني دو (1998ع)، ڪهين پيار نه هوجائي (1999ع)، يه دل آپ ڪا هوا (2002ع)، کُلي آسمان ڪي نيچي (2008ع) وغيره شامل آهن.

جاويد شيخ ويجهي ماضيءَ ۾ ڪيترين ئي ڀارتي فلمن ۾ به ڪم ڪيو آهي. ان کان سواءِ هو ڊرامن ۾ به اداڪاري ڪندو رهيو آهي. جن ڀارتي فلمن ۾ هن اداڪاري ڪئي آهي، انهن ۾: مجهي چاند چاهيي، يه دل آپڪا هوا، دس، جانِ مَن، نمستي لنڊن، اوم شانتي اوم، ماءِ نيم از اينٿوني، هم تم اور گهوسٽ وغيره شامل آهن.



لفظ جاويد شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.10.08  عيسوي

جاويد شيخ: مشهور فلمي اداڪار جاويد شيخ جو اصل نالو شيخ جاويد اقبال آهي . هن 8 آڪٽوبر 1954ع تي جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ادريس لغاري
پوراني ميرڪ سيد محمد عبدالله
ريڊنگ لارڊ
پَشتون
احمد حسن داني
جلال فقير ٽالپر
محمد سليمان ٻنوي مولانا
عبدالستار ڏيرو
ڊاڪٽر ڊيوئارٽ
رامچندر ڀڳوانداس رهيجا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون